تذڪره صوفياءِ سنڌ

تذڪره صوفياءِ سنڌ (ڪتاب ):اعجاز الحق قدوسيءَ جو هيءُ ڪتاب ”تذڪره صوفياءِ سنڌ“ جو ٻيو ڇاپو، اردو زبان ۾، ”اردو مرڪز لاهور“ پاران، نومبر 1975ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جي ڪتابت عزيز فاروقيءَ جي ڪيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، اردو اڪيڊمي سنڌ، ڪراچيءَ، پاران ڇاپيو ويو هو. هن ڪتاب جو انتساب آغا بدر عالم دراني، سابق اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ مبين الحق صديقي، سابق ميمبر سينيٽ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ سيد حسام الدين راشديءَ لکيو آهي. اعجازالحق قدوسيءَ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مختلف سلسلن سان واسطو رکندڙ صوفي بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو